واشنگٽن_16 فيبروري(اي پي پي) آمريڪا دعوي ڪئي آهي ته ان ايران ??ان ايندڙ جديد روايتي هٿيارن ۽ امداد جي کيپ ضبط ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب وچ اوڀر ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته اها کيپ 28 جنوري تي عربي سمنڊ ۾ ضبط ڪئي وئي هئي جنهن کي يمن ۾ حوثين جي ڪنٽرول وارن علائقن طرف منتقل ڪيو ??ئي ويو،سٽ ڪام هٿيارن جون تصويرون پوسٽ ڪندي لکيو آهي ته ان کيپ ۾ وچولي مفاصلي تائين مار ڪندڙ بليسٽڪ ميزائلن جا جزا ۽ ٻيو فوجي سامان شامل هو،آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ايرڪ ڪوريلا جي حوالي سان چيو آهي ته اهو خطي ۾ ايران جي بدنيتي تي مشتمل سرگرمين جو هڪ ٻيو مثال آهي،هن نشاندهي ڪئي ته ايران ??اران حوثين کي جديد روايتي هٿيارن جي فراهمي عالمي قانون جي سڌ?? ريت خلاف ورزي آهي اها صورتحال عالمي جهاز راني کي نقصان ??هچائي رهي آهي، واضع رهي ته غزه جنگ شروع ٿيڻ کان ??وءِ احمر سمنڊ ۾ عالمي جهاز راني جي اچ وڃ ۾ رڪاوٽ آئي آهي ڇاڪاڻ ته حوثي گروپ واپاري سامونڊي جهازن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
حوثين لاءِ ويندڙ ايراني هٿيارن جي کيپ ضبط ڪئي وئي آهي: آمريڪي دعوي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن