دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر ??اپ??ر، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم ??حم?? شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان دوحه ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع مع??مل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ – قطر لاڳاپن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو. ??اپ??ر، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ نئين ممڪن تعاون تي پڻ غور ڪيو ويو. ڌرين گڏيل اقتصادي هدفن ۽ علائقائي استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي اسٽريٽجڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مع??مل?? خاص طور تي اسرائيل پاران بيگناهه فلسطينين جي خلاف جاري نسل ڪشيءَ جي جنگ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم 24 سيپٽمبر 2024ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين سالياني اجلاس دوران قطر جي امير پاران پيش ڪيل فلسطين جي مع??مل?? تي قطر جي موقف کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي جي لاءِ قطر جي ثالثي ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيرا??ظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته غزه م قتل عام جي فوري خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ خوشحالي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي تازي ڏاڍ جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات دوران فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ کي جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. وزيرا??ظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزيرا??ظم ??حم?? شهباز شريف قطر جو قطر جو دورو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل مضبوط ٿيندڙ حصيداري ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي.
وزيراعظم جي قطر جي امير سان وفدن جي سطح تي ملاقات، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر