نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليوارن پاڪستاني آمريڪن بينڪرز کي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر?? توانائي، ٽيڪنالاجي، زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ مستحڪم ميڪرو اڪنامڪ ماحول کي برقرار رکڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79??ين اجلاس جي موقعي تي ناليوارن پاڪستاني آمريڪن بينڪرز جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جي پي مورگن، نيٽيزس ڪارپوريشنز اينڊ انويسٽمنٽس، سوميٽومو مٽسوئي بئنڪنگ ڪارپوريشن، گولڊ مين سيچن سٽيزنز بئنڪ، ليزارڊ، آوڊيڪس گروپ سميت ناليوارين بئنڪن جا نمائندا شامل هئا. ملاقات دوران وزيراعظم وفد کي معيشت جي استحڪام ۽ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل اهم قدمن کان آگاهه ڪي?? جن ۾ ٽيڪس بيس جي صلاحيت، ڪاروبار ۾ سهولت ۽ فروغ ۽ سرڪاري ادارن ۾ جاري سڌارا شامل آ??ن. ??زيراعظم چيو ته حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين بسمول فچ ۽ موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ?? اضافو ٿيو آهي. هن وفد کي هڪ پائيدار مالياتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ بابت پن ٻڌايو جيڪو حڪومت کي عالمي ڪي??يٽل مارڪيٽنگ ۾ گرين/ سسٽين ايبلٽي بانڊ جاري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي وفد حڪومت جي پاليسين کي ساراهيو جيڪي پاڪستان ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آ??ن. ??فد روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر خاص طور تي ايس ايم ايز جي ترقي جي لاءِ حڪومت سان تعاون ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪي??. وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي بئنڪن کي پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر?? توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ مستحڪم ميڪرو اڪنامڪ ماحول کي برقرار رکڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين پڻ ڏياريو.
وزيراعظم پاران ناليوارن پاڪستاني آمريڪن بينڪرز کي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر، توانائي، ٽيڪنالاجي، زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب