اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرامن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ، گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ، سلامتي، ماحولياتي تحفظ ۽ وسيلن جي پائيدار انتظام جي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اه??يت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار جي لاءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي اه??يت رکندڙ آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ??ان??رنس 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ??ان??رنس ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگويز سميت ملڪي ۽ غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميري ٽائيم افيئرز بابت سڀني جا مفاد گڏيل آهن، پاڪستان جي بليو ا??ان??مي عالمي سطح تي اه?? ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، حڪومت ماهيگيري جي شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. نائب وزيراعظم ميري ٽائيم سيفٽي ۽ ماحولياتي پائيداري جي اعليٰ ترين معيارن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم تي زور ڏنو. هن معاشي ترقي جي هڪ اه?? ٿنڀ جي طور تي متحرڪ بليو ا??ان??مي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن ۽ اقتصادي ترقي، نوڪرين جي تخليق ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال جو خاڪو پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ماهيگيري ۽ سامونڊي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ ”آف شور“ گئس ?? پيٽروليم جي وسيلن جي ڳولا لاءِ پاڪستان جي اه??يت جي پڻ وضاحت ڪئي. محمد اسحاق ڊار چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب ميري ٽائيم ??ان??رنس منعقد ڪرڻ تمام ضروري هو. نائب وزيراعظم ??ان??رنس ۾ شرڪت ڪندڙ نمائندن ۽ مهمانن سان ٿورا مڃيندي انهن کي ڀليڪار چيو. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت ماهيگيري جي شعبي کي خاص اه??يت حاصل آهي، ماهيگيري جي لاءِ ٻج ۽ خوراڪ جي صحيح طريقيڪار تحت انتظام ضروري آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته جهازسازي جي صنعت کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. ميري ٽائيم انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بليو ا??ان??مي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو. سامونڊي معاملن ۾ جديد رجحانن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم ڪامياب ??ان??رنس منعقد ڪرڻ تي سامونڊي معاملن واري وزارت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سامونڊي ترقي جي لاءِ عالمي حصيداري ضروري آهي. هن چيو ته بليو ا??ان??مي ۾ پاڪستان جو مقصد علائقائي پهچ جو مرڪز بڻجڻ آهي. پاڪستان جي بليو ا??ان??مي عالمي سطح تي اه?? ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. نائب وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته ميري ٽائيم انڊسٽري جي ڊي ڪاربنائيزيشن جاري آهي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڪستان ۾ بندرگاهن تي نمايان ترقي ڏسڻ لاءِ ملندي.
واپار جي لاءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي اهميت رکندڙ آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے