راولپنڊي- 14 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد ??اصم منير چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن جڏهن ته انهن ڪوششن کي ناڪام بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ??يس پي آر) موجب آرمي چيف سيد ??اصم منير يوم آزادي جي حوالي سان پاڪستان آرمي جي اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ پروقار تق??يب جي آجيان ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي. آرمي چيف ان موقعي تي اڳوڻن فوجي اهلڪارن جي خدمتن تي کين تحسين پيش ڪيو. هن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ??تحاد ۽ استقامت جي اهميت تي زور ڀريو ۽ اڳوڻن فوجين کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. اڳوڻن فوجين پاڪ آرمي جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي اندروني ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي حمايت جو عهد ڪيو. اها تق??يب پاڪ فوج ۽ ان جي اڳوڻن فوجين وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي هئي.
ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج وچ ۾ ناتن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria