اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ ??لامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي ??وقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان پوسٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه گولڊن جوبلي جي ??وقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جي ??هورت ڪئي. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاق?? وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان پوسٽ ??و ڊائريڪٽر جنرل سميع الله خان خاص مهمان هئا. ان اهم سنگ ميل کي خصوصي ٽپال ٽڪليون جاري ڪرڻ سان ملهايو ويو جيڪو معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ معاشري تي ان جي اثرن لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي چاهه جي علامت آهي. پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ تعليم جي ش??بي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ??مايان خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سڀني لاءِ پهچ جوڳي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي يادگاري ٽپال ٽڪلي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي ??وقعي تي پاڪستان پوسٽ ??رفان جاري ڪئي پئي وڃي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي.
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ