اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روب??نه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر/سي اي او عاط?? باجوه ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ يحييٰ خان بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حقدار عورتن کي رق?? جي ورڇ ۾ شفافيت ۽ انهن جي عزت نفس کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين دوران سينيٽر روب??نه خالد بئنڪ جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن کي ڪلائنٽس طور ترجيح ڏين ۽ پنهنجي وظيفي جي رق?? مان ڪٽوتين کي ختم ڪرڻ لاءِ ع??لي قدم کڻن. ٻئي طرف بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪندڙن لاءِ فني ۽ هنر جي تربيت جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. عاط?? باجوه بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙن لاءِ پائيلٽ مرحلي طور هنر جي تربيت جو منصوبو شروع ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. انهن گڏيل منصوبن کي بي آءِ ايس پي ۽ بئنڪ الفلاح ٻنهي جي فني ٽيمن جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ويندو ته جيئن مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے