اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريٽيلرز کي ٽ??ڪس جي دائري ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين طبقن تي ٽ??ڪس جو بار گهٽ ٿئي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اپريل ۾ رضاڪاراڻي رجسٽريشن تحت 75 واپارين رجسٽريشن ڪرائي هئي. مئي ۾ ايف بي آر 6 شهرن ۾ قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ هن وق?? تائين 31 هزار ريٽيلرز جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. هي عمل جاري رهندو ۽ پهرين جولاءِ کان ريٽيلرز تي ٽ??ڪس لاڳو ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو هن وق?? 9 ٽريلين رپين جي ڪرنسي گردش هيٺ آهي، ڊجيٽائزيشن ذريعي معاملا درست ٿي سگهن ٿا. اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيش ٽرانزڪشن کي گهٽ کان گهٽ ۽ ختم ڪيو وڃ??. پوائنٽ آف سيل رجسٽريشن جو سلسلو ٻيهر ??روع ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل