شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواو?? جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي چيني ڪمپني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، چيئرمين هواوي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ترجيحي بنيادن تي س??ف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هواو?? جي هيڊڪوارٽر اچڻ تي هواو?? جي چيئرمين ليانگ هوا وزيراعظم شهباز شريف جو شاندار استقبال ??يو. هواوي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پاڪستاني ملي نغما وڄايا ويا. وزيراعظم هواوي هيڊڪوارٽر ۾ ايگزيبيشن سينٽر جو دورو ??يو. چيئرمين هواوي وزيراعظم کي هواو?? جي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ??يو. وزيراعظم هواو?? جي آپريشنز جي جدت کي ساراهيو ۽ هواوي کي پاڪستان ۾ پنهنجي س??ڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني. نمائشي مرڪز ۾ وزيراعظم کي مختلف شعبن خاص طور تي اي گورننس، ڊيجيٽل بئنڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪشن، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هواو?? جي تعاون سان پاڪستان ۾ ٺهندڙ سيف سٽي منصوبن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي چيئرمين هواوي سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم هواو?? جي چيئرمين کي حڪومت جي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي فروغ ۽ ڪاروبار جي س??ولت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ??يو. وزيراعظم هواوي کي پاڪستان جي مختلف شهرن خاص طور تي اهڙا شهر جن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن ۾ ترجيحي بنيادن تي س??ف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته حڪومت سرڪاري آفيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام، اي گورننس، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ هواوي جهڙي وڏي ڪمپن?? جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف هواو?? جي چيئرمن کي پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪار?? جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم هواو?? جي چيئرمين کي جلد پاڪستان جي دور?? جي پڻ دعوت ڏني. بعد ۾ وزيراعظم هواوي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. فريم ورڪ ايگريمينٽ تحت هواوي پاڪستان جي 2 لک نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي شعبي بشمول مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. ان کانسواءِ هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽيز قائم ڪرڻ، اي گورننس ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو. هواو?? جي چيئرمين وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.
وزيراعظم پاران شينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هيڊڪوارٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر