اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي ل??ءِ پاڪستان جو عزم اڻٿڪ آهي، پاڪستان سارڪ کي مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??ائوٿ ايشين ايسوسيئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن (سارڪ) جي سيڪريٽري جنرل محمد غلام سرور جيڪو پاڪستان جي پنهنجي پهرين دوري تي آهي، هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس سارڪ جي 15 هين سيڪريٽري جنرل جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته سيڪريٽري جنرل تنظيم جي بحالي جي ل??ءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، جي??ن ته سيڪريٽري جنرل سارڪ جو تعلق بنگلاديش سان آهي، وزيراعظم بنگلاديش جي وزيراعظم جي ل??ءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سارڪ ۾ علائقائي ترقي، واپار، تعاون ۽ حصيداري جا تمام گهڻا امڪان آهن. هن سارڪ جي خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي ل??ءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان سارڪ کي مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. سيڪريٽري جنرل سارڪ شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ سارڪ کي علائقائي تعاون جي ل??ءِ هڪ موثر پليٽ فارم بڻائڻ جي پنهنجي عزم کان آگاهه ڪيو. هن پنهنجي وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا پڻ مڃيا.
سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جو عزم اڻٿڪ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino