اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ا??حا?? ڊار چ??و آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گه??ي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، ڪلائميٽ، سياحت ۽ مائيگريشن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئٽزرلينڊ جي سفير جارج سٽينر سان ڳاله??ئي??دي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽر محمد ا??حا?? ڊار پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ سوئس ڪمپنين کي ساراهيو ۽ وڌيڪ سوئس ڪمپنين کي پاڪستان ۾ خا طور تي قابل تجديد توانائي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ا??حا?? ڊار ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ تي مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جو حوالو ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڌرين جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فر??غ ڏيندو جنهن سان اهي مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي استعمال ۾ آڻي سگهندا. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال ۽ گه?? رخي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گه?? رخي معاملن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار سان گڏوگڏ انساني همدرديءَ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ملڪ جي تعاون کي پڻ ساراهيو. واضح رهي ته سوئيٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير گذريل سال جولاءِ ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان سال جنوري ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ٿي هئي.
پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج