اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي معيشت جي مختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاح??ت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معيشت جي مختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان ??لان تي عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ٺاهي پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاح??ت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، غريب عوام جي پئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان ??ي ايڪڙ پيداوار وڌائينداسين، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ ۽ اهم شعبن ۾ تجويز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بجلي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صنعت، ٽيڪس، انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان ??دمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم انهن تجويز ڪيل قدمن تي سمورين ڌرين سان ??شاورت ڪري هڪ ٺوس پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم آڏو ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش، مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو، وزيراعظم پاران سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪرڻ جي هدايت، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج