اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوسٽل ل??ئي?? انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پوسٽل ل??ئي?? انشورنس ج?? داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پوسٽل ل??ئي?? فوتي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ا??ائ??گي کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب عبدالعزيز جي والد پوسٽل ل??ئي?? کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لاڏڻي کانپوءِ پوسٽل ل??ئي?? پٽ کي رقم جي ا??ائ??گي کان انڪار ڪري ڇڏيو. فوتي جي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته فوتي پاليسي هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ ت?? داخل ڄم جي تاريخ موجب انشورنس پاليسي خريد ڪئي ۽ پوسٽل ل??ئي?? فراهم ڪيل معلومات قبول ڪرڻ کانپوءِ انشورنس پاليسي جاري ڪئي. فيصلي موجب انشورنس ايجنسي پاران شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ا??ائ??گي کان انڪار بدانتظامي جي برابر آهي. ڪمپني وفاقي محتسب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ تي صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس آرڊيننس موجب ڪا ??نشورنس پاليسي شروع ٿيڻ جي تاريخ جي 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر هدايت ڪئي ته پوسٽل ل??ئي?? وفاقي محتسب جي فيصلي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي فوتي جي وارثن کي ان جي انشورنس ڪليم ادا ڪري.
صدر پاران پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج