ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ دبئي جي حڪومت مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات ۾ قائم ملٽي نيشنل لاجسٽڪ ڪمپني ”ڊي پي ??رل??“ جي گروپ چيئ??مي?? ۽ سي اي او سلطان احمد بن سليم ملاقات ??ئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطي ۽ تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگ??مي?? کي وسعت ڏيڻ ۾ ڊي پي ??رل?? جي دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ ڪمپنين کي حڪومت پاران ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. پاڪستان واپار ۽ صنعتي سرگ??مي?? جي محور جي طور تي پنهنجي جاگرافيائي ۽ اقتصادي ويزن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حصيدار ادارن کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ملاقات کانپوءِ نگران وزيراعظم مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن وارين وزارتن ۽ دبئي جي حڪومت جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ دبئي حڪومت پاران ڊي پي ??رل?? نمائ??دگ?? ??ئي. معاهدن تحت پاڪستان ۾ ٺوس فريٽ ڪوريڊور، ملٽي ماڊل لاجسٽڪ پارڪ ۽ ريلوي نيٽ ورڪ تي مال برداري جا ٽ??مي??لز قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سامونڊي اقتصادي زون قائم ڪرڻ ۽ پورٽ قاسم ۾ نيوي گيشن چينل جي ڊريجنگ جي معاملن ۾ تعاون ڪيو ويندو.
پاڪستان ۽ دبئي جي حڪومت ۾ مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea