ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، اليڪشن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سي??يو??ٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين. اها ڳالهه هن اطلاعات و??ري صوبائي نگران وزير احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اس??ن جي ڪوشش هوندي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطي جي ڪا کوٽ نه هجي، ان حوالي سان صوبائي اطلاعات و??رن وزيرن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين. هن چيو ته ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چون??يل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته وڏا پاليسي فيصلا ڪرڻ چون??يل پارليامينٽ جو ڪم آهي، اس??ن جي ڪوشش آهي ته جڏهن اس??ن کي حڪومت ملي آهي، ان کانپوءِ کان حالتون خراب نه ٿين، اس??ن بهتر حالت ۾ ملڪ چون??يل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي ۽ اس??ن اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪراچي جا ڪيترائي دورا ڪيا آهن، نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچي جو دورو ??يو?? هتي قيام به ڪيو ۽ واپارين سان ملاقات پڻ ڪئي. اڄ به نگران وزيراعظم ڪراچي جو دورو ڪري رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو صوبن ۽ مختلف شهرن ۾ وڃڻ جو سٺو رڪارڊ آهي، توهان ايترو دوست و??يراعظم ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته سي??يو??ٽي جا خدشا هر اليڪشن ۾ رهيا آهن، 2008ع ۾ اليڪشن مهم دوران اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي هئي، 2013ع جي چونڊن ۾ به سي??يو??ٽي جو چئلينج موجود هو. هن چيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا صورتحال پيدا ناهي ٿي جنهن کي اس??ن جا سي??يو??ٽي ادارا ڪنٽرول ناهن ڪري سگهيا.
چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو