اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي گورنمينٽ ڊيولپمينٽ ۽ فيوچر واري مملڪتي وزير ايهود بنت خلفان الرومي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دوري ??وران نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ??يڪشن سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جو قومي بيانيو پي?? ڪيو. نگران وزيراعظم گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان جو موقف پي?? ڪيو. ڪوپ – 28 جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا ۽ مالديپ جي صدرن، نيدرلينڊز، استونيا، شام جي وزيراعظمن ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪوچيئر بل گيٽس سان ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 پاڪستان پويلين جو دورو پڻ ڪيو، ليونگ انڊس انيشي ايٽو جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ زيد سسٽين ايبلٽي پرائز جو ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪوپ – 28 دوران نگران وزيراعظم عال??ي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوز ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪ جي گهرو، پرڏيهي معاملن، علائقائي ۽ عال??ي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم دبئي کان گوادر پهچندو جتي هو چين پاڪستان دوستي اسپتال ۽ سامونڊي پاڻي کي صاف ڪري ??ستعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جو افتتاح ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج