ڄامشورو -06 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري جو دورو ڪري نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي وائيس چا??سلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ پرفارمن?? آرٽ ۽ انٽيريئر ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وائيس چا??سلر کيس تعميراتي ڪم، ڊيزائن، لاڳت ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت بريفنگ ??ني. وفاقي وزير، يونيورسٽيءَ ۾ اي آر ناگوري آرٽ گيلري ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائيل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ سيرامڪس جي شاگردن پاران رکيل نمائش جو معائنو ڪيو. هو شاگردن جي فن ۽ صلاحيتن کان بيحد متاثر ٿيو. نمائش جي دوري کانپوءِ وائيس چا??سلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، وفاقي وزير کي يونيورسٽي جي ڪاميابين، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. مدد علي سنڌي معياري تعليم ۽ يونيورسٽي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وائيس چا??سلر پاران وفاقي وزير کي سووينئر، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير سان گڏ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊائريڪٽر جنرل نيوٽيڪ عزيز الله چا??ڊيو، سينيئر صحافي نياز پنهور ۽ ٻيا گڏ هئا.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاران سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جو دورو
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ