اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جاني خيل خودڪش حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 21 آگسٽ تي بنون ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ڳ??له?? ٻولهه ڪئي. صدر نائب ص??بي??ار صنوبر علي، حوالدار آفتاب احمد ۽ حوالدار محمد عارف جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن حوالدار محمد عمران، سپاهي احمد علي، سپاهي محمد حسيب اڪبر جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳ??له?? ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي سپاهي ذيشان نزاڪت، عبدالرشيد ۽ وارث علي جي پونئيرن سان به ڳ??له?? ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن کي سلام ??يش ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بل??دي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات