اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن سان گڏوگڏ صحت جي بحالي لاءِ خدمتن جي ضرورتمند ماڻهن جي زندگين کي آسان بڻائڻ جي لاءِ معاشري ۽ خانداني نظام کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ??دا ڪرڻو پوندو. گلوبل ري هيبلي ٽيشن ليڊرشپ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ منعقد ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چي?? ته ڪميونٽي ويلفيئر سمورن مذهبن بشمول اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت جو بنياد رهيو آهي، هن ان حوالي سان انبياءَ ڪرام، حضرت محمد ﷺ ۽ ان??ن جي صحابه ڪرام جا مثال پيش ڪيا. هن چي?? ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنياوي معاملن ۾ اخلاقيات ۽ انسانيت جي کوٽ آهي اهڙي ۾ معذور ماڻهن ۽ بحالي جي ضرورتمند ماڻهن جي ڀلائي لاءِ معاشري کي پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻو پوندو. هڪ تحقيقي مطالعي جو حوالو ڏيندي صدر شرڪت ڪندڙن کي ٻڌاي?? ته پاڪ??تا?? جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي جنهن ۾ 60 کان 70 سيڪڙو شاگرد شامل آهن. هن چي?? ته نفسياتي ماهرن جي گهٽ انگ جي ڏس ۾ ان صورتحال تي ڌيان نه ٿو ڏئي سگهجي، اهڙي ۾ خانداني نظام، گروپ ٿراپي ۽ اسٽريس شيئرنگ جي صورت ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چي?? ته رياست تي دارومدار ڪرڻ کانسواءِ خانداني نظام کي اسلامي معاشرن وانگر پنهنجو ڪردار ڪرڻ جي لاءِ سامهون اچڻو پوندو جتي ڪميونٽيز پاڻ قانونن تي عمل ڪن ٿيون. هن پاڪ??تا??ي معاشري پاران خصوصي ماڻهن سان همدرديءَ جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چي?? ته معاشري جي سمورن محروم طبقن بشمول عورتن ۽ اسڪول نه ويندڙ 27 ملين ٻارن تي ان??ن جي مشڪلاتن جي ازالي جي لاءِ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته 27 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلا جيڪڏهن رياست تي ڇڏي ڏني وڃي ته ڪيترائي ڏهاڪا لڳي سگهن ٿا جڏهن ته پاڪ??تا??ي معاشرو مسجدن جي اڳ کان موجود ان??راسٽرڪچر مان فائدو کڻي ان مسئلي کي تمام گهڻو اڳ حل ڪري سگهي ٿو. صدر چي?? ته جسماني معذوري وارن ٻارن کي عام اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ گهرجي ڇ?? ته ان سان ٻين ٻارن کي ان??ن جي چئلينجز بابت شعور ملندو. ان کانسواءِ هن چي?? ته رياست کان وڌيڪ معاشري کي اکين کان محروم ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صدر معذوري ۽ بحالي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? کي تعاون فراهم ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ پاڪ??تا?? ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي پاليٿا مهيپالا معذوري ۽ بحالي جي مسئلن جي حل جي ڪوششن جي لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي قيادت ۽ ڪردار تي روشني وڌي. اهڙي طرح هن ان حوالي سان خاتون اول بيگم ثمينه علوي جي تعاون ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.
خصوصي ماڻهن سان گڏوگڏ صحت جي بحالي لاءِ خدمتن جي ضرورتمند ماڻهن جي زندگين کي آسان بڻائڻ جي لاءِ معاشري ۽ خانداني نظام کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری