اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن خصوصي اقتصادي زون جي پيڙهه جو پٿر ??کي سڄي ملڪ ۾ راندين جي ترقي ۽ نوجوانن کي راندين ۾ عالمي معيار جي سهولتون فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ اسلام آباد ۾ وزيراعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جو آغاز ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ اسپورٽس ترقياتي قدمن تحت وزيراعظم پاڪستان ۾ راندين کي عالمي مقابلن ج?? لاءِ تيار ڪرڻ ج?? لاءِ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ راندين جي ترقي ۽ رانديگرن ج?? لاءِ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ جاري ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي مدد لاءِ ايليٽ اسپورٽس پرسن ڊيولپمينٽ پروگرام ۽ مقامي رانديگرن س??ن گڏو عالمي سطح تي تيزي سان سهرت ماڻيندڙ اي – اسپورٽس جي فروغ جا قدم پڻ جاري ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي موبائيل فونز ج?? لاءِ عاضي رجسٽريشن نظام جاري ڪندو. سمنڊ پار پاڪستانين جي نشاندهي تي انهن جي پاڪستان ۾ قيام دوران ذاتي موبائيل فون تي ٽيڪس جي مدي کي 3 مهينن مان وڌائي 120 ڏينهن ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ج?? لاءِ هڪ خودڪار نظام جاري ڪيو پيو وڃي جيڪو انهن جي آءِ ايم اي آئي کي پاڪستان جي عارضي دورن جي دوران بلاڪ ٿيڻ ۽ انهن کي اضافي ٽيڪس جمع ڪرائڻ کان بچائيندو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ماڊل اسپيشل ??ڪن??مڪ زون جي پيڙهه جو پٿر ??کندو. اسلام آباد ماڊل اسپيشل ??ڪن??مڪ زون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ترقي جي ويزن موجب ملڪ جي اترئين حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صنعتون قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو. ان خصوصي زون س??ن روزگا?? جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندي. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.
وزيراعظم اسلام آباد ۾ خصوصي اقتصادي زون جي پيڙهه جو پٿر رکي يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جو آغاز ڪندو
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria