لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ تر??يه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم تر??يه ۾ 6 ??يب??وري جي زلزلي جي متاثرن لاءِ به دعا ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران تر??يه سان گڏ بيهڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر اردوان وزيراعظم جي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ پنهنجي خصوصي ڀائراڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر زلزلي دوران مشڪل جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پاڪستان جي امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ صدر زلزلي کانپوءِ وزيراعظم جي تر??يه جي دوري کي به ساراهيندي چيو ته پاڪستان جيڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اه?? سدائين ياد رکنداسين. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائرن ملڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيش??، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اه?? علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم صدر اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ