اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي اس??ام آباد ڊي چوڪ تي ”يادگار دستور“ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تقريب سومر تي ٿ??. ق??مي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت پارليامينٽ جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ يادگار دس??ور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سي ڊي اي 14 آگسٽ 2023ع کان اڳ ڊي چوڪ ۾ يادگار دس??ور مڪمل ڪندي. هن چيو ته 10 اپريل 1973ع تي متفقه آئين منظور ٿيڻ اهم قومي سنگ ميل آهي. اس??امي، وفاقي، پارلياماني ۽ جمهوري آئين جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي پهرين تقرير ۾ ئي ڏئي ڇڏيو هو. هن چيو ته آئو?? سمجهان ٿو ته 14 آگسٽ 1947ع کانپوءِ 10 اپريل 1973ع سڀ کان اهم ڏينهن هو جڏهن متفقه آئين ٺهيو. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ دس??ور جي يادگار موجود آهي. ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي کي مبارڪون ڏيان ٿو جنهن يادگار جي تعمير جو فيصلو ڪيو. اميد آهي ته جلد ان يادگار کي مڪمل ڪيو ويندو. يادگار جي ڊزائين لاءِ سڄي ملڪ ۾ مقابلو ڪرايو ويندو ۽ آئين جي شاندار ڊزائين جي منظوري ڏني ويندي. شاهراهه دس??ور تي يادگار سان گڏ هڪ باغ به تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن سان شهرين کي تفريح به ميسر ايندي. اميد آهي ته يادگار دس??ور ۾ آئين تي صحيحون ڪندڙ تاريخي شخصيتن کي مناسب انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. اس??يڪر چيو ته يادگار جي تقدس کي برقرار رکيو ويندو. اميد آهي ته سي ڊي اي ان طرف خاص ڌيان ڏيندي. ه?? سمورين سياسي پارٽين کي مخاطب ڪندي چيو ته اچو ته اسان سڀ سمورن اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي محسنن جو شڪريو ادا ڪريون. ان کانپوءِ اس??يڪر پارليامينٽ جي اڱڻ ۾ واقع يادگار شهيداءِ تي حاضري ڏني ۽ گل پيش ڪيا، بعد ۾ اس??يڪر ڊي چوڪ ۾ يادگار جي افتتاح طور تي باغ جو پهريون ٻوٽو به لڳايو. ان موقعي تي ملڪي ترقي، خوشحالي، آئين جي سربلندي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ خصوصي دعا به ??ئي وئي. اس??يڪر پارليامينٽ هائوس ۾ 1973ع جي آئين جي منظوري سان لاڳاپيل تاريخي تصويرن تي ٻڌل ”تصويري نمائش“ جو افتتاح ڪيو.
آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ڊي چوڪ تي ”يادگار دستور“ جو پيڙهه جو پٿر رکيو ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق