اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان س??ن پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي، آءِ ايم ايف پروگرام تحت 9 هون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي ??ميد آهي، پاڪست??ن پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ??يشيائي ترقياتي بئنڪ جي ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اي ڊي بي جي وفد جي ??جيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان سان اي ڊي بي جي پراڻي وابستگي ۽ پاڪستان جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ قا??ل اعتماد حصيدار هجڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ اي ڊي بي جي فراخداڻي مدد کي ساراهيو، ان ۾ هنگامي امدادي گرانت، آفتن کانپوءِ جي ??رورتن جو اندازو ۽ جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ڪانفرنس دوران ڪيل واعدا شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان جي ??هم اقتصادي شعبن خاص طور تي ٽرانسپورٽ، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي ??عبي ۾ اي ڊي بي جي ??يڙپڪاري کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اي ڊي بي ملڪ جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان س??ن پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي. وفد کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت نائُون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي ??ميد آهي جيڪو عملي جي ??طح جي معاهدي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪست??ن پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي وڏي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي ڪوششن تي پنهنجي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ??قتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اي ڊي بي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ??زم جي ??جديد ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
اميد آهي ته اي ڊي بي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ