اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته روايتي ??يڪيورٽي سان ??ڏوگڏ سائبر قوت حاصل ڪري ملڪ کي استحڪام ۽ ترقي جي تيز ترين راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو. ايئر يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر دنيا جي پنجين آبادي واري ملڪ ۾ عصري شعبن خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر اسپيس ۽ ڊيٽا سان هلندڙ ٽيڪنالاجي ۾ علم حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي ??وشني وڌي. صدر چيو ته پاڪستان ائٽمي ڊيٽرنس جهڙي روايتي ??فاع ۾ پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪئي آهي جڏهن ته سائبر اسپيس ۾ مضبوط قدم ڄمائڻ به بقاءَ جي لاءِ ضروري آهي. هن ان ??الهه جي نشاندهي ڪئي ته گذريل سال جي عالمي سائبر رينڪنگ ۾ پاڪستان شامل نه آهي، اها صورتحال رجعت پسند ذهنيت ۾ هڪ وڏي تبديلي کانسواءِ ڪيريئر جي رستن جي چونڊ ۾ نظرثاني جو مطالبو ڪري ٿي. هن چيو ته سائبر علم ملڪ جي وڏي نوجوان آبادي کي موجوده مهارتن سان ليس ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي. هن ٻڌايو ته پيٽرن جي سڃاڻپ تي ٻڌل ڊيٽا جي هڪ وڏي مقدار دنيا ۾ دستياب آهي جنهن جي مقدار ۽ تجزيو ڪرڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت جي مهارت جي ضرورت آهي. صدر نوجوانن کي ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت بابت ضروري معلومات فراهم ڪرڻ بابت فيصلاسازي تي ??ور ڏنو ۽ چيو ته دنيا انهن شعبن ۾ هڪ بي مثال تبديلي ڏٺي آهي. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) پاران جاب مارڪيٽس تي مڪمل تحقيق ڪرڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو ۽ چيو ته اهو قومي ۽ عالمي ادارن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ هنرمند انساني وسيلا مهيا ڪرڻ ۾ مد?? فراهم ڪندو، اهڙي طرح ملڪ ۾ بيروزگاري جي مسئلي کي مناسب طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو. سائبر سيڪيورٽي ڊسپلين جي پهرين بئچ بابت صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته تعليم جي عظيم مقصد جي لاءِ مسلسل حمايت ۽ سرپرستي ڪرڻ تي ??نهن کي ساراهيو. ان موقعي تي ??در فارغ ٿيندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. تقريب ۾ مختلف شعبن بشمول بزنس ايڊمنسٽريشن، اڪائونٽنگ ۽ فنانس، ايوي ايشن مئنيجمينٽ، ادب ۽ لسانيات، رياضي، طبيعات، اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، ڪميپوٽر سائنس جي شعبن کانسواءِ مڪينيڪل، ميڪيٽرونڪس، اليڪٽريڪل، ايرو اسپيس ۽ ايروناٽيڪل انجنيئرنگ ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ انڊر گريجوئيٽ سان ??ڏوگڏ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز جي 1300 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تمغا ۽ ڊگريون عطا ڪيون ويون. ان ??ان اڳ وائيس چانسلر ايئر يونيورسٽي ايئر مارشل (رٽائرڊ) جاويد احمد پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايڇ اي اي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد جا ٿورا مڃيا. هن نيشنل ايرو اسپيس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ تحت مختلف منصوبن ذريعي ٽيڪنالاجي جي ميدان ??ي جديد بڻائ?? ۽ ??حال ڪرڻ جي لاءِ ايئر چيف جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته ايئر يونيورسٽي شاگردن کي معياري تعليم، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جي فراهمي جاري رکندي ۽ قومي مقصد ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندي.
سائبر قوت سان ملڪ کي استحڪام ۽ ترقي جي تيز ترين راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ