اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائ?? سگهي، 2018ع ۾ اين اي 193 ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو چونڊ اميدوار نه هو، گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو ان تڪ مان 53 هزار ووٽ حاصل ڪيا جنهن تي پنهنجي ووٽرز جا ٿورا مڃون ٿا ته انهن مسلم ليگ (ن) تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڃا اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، گهڙيءَ چور فتنو کٽي وڃي ته فتح جو جشن ۽ هارائي وڃي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڌرڻو ۽ الزام. عمران خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائ?? سگهي. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته اها وڏي ڪا??يابي آهي جنهن جو عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي. هن چيو ته هڪ سيٽ جي ووٽ سان عدالت تي دٻاءُ وجهندا، ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندا؟ فيصلو توهان جي حق ۾ نه آيو ته عالمي سازش چيف جسٽس تائين پهچي ويندي. هن چيو ته عوام ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿي، نظريه ضرورت نه.
عمران خان جو نگران حڪومت تي شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ڪرائي سگهڻ جو الزام دفن ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات