مظفر آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڌار ڌار سياسي وابستگين ??اوجود سڄي ملڪ جي سياسي قيادت جو مظفر آباد ۾ ڪشمير ڪاز لاءِ گڏ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ظلم کي پوري دنيا آڏو نروار ڪيو، ستن ڏهاڪن کان ڀارت ڪشمير ۾ ظلم جو داستان رقم ڪري رهيو آهي پر ڀارت ڪشميرين ??ي حق خوداراديت واري جذبي کي ماٺو ناهي ڪري سگهيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙو اظهار يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي مظفر آباد ۾ آزاد ??شمير جي سياسي قيادت سان ملاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ آزاد ??شمير جي سمورن مسئلن جو حل اسان ويهي ڪڍنداسين. هن چيو ته پاڪستان توهان سان گڏ آهي ۽ هميشھ ڪشميرين ??ان سندن جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اهڙي ريت سياست کان مٿانهون ٿي اتحاد سان قومي معاملن تي گڏ ٿينداسين، ته اهو وقت پري ناهي جو سمورا مسئلا حل نه ٿين. آزاد ??شمير قانون ساز اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ??شمير جي وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم جي 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير تي مظفر آباد آمد تي ڪشمير ڪاز لاءِ سندس آجيان ڪئي. آزاد ??شمير جي وزيراعظم چيو ته پورو ڪشمير اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم جي مظفر آباد امد تي دل جي گهراين ??ان آجيان ڪري ٿو. ۽ سندس قدم ڪشميرين ??ي دلين ۾ قدر ک?? وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بالخصوص موجوده حڪومت ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ان امر ک?? يق??ني بڻائڻ لاءِ ذاتي دلچسپي تي ڪشميري عوام وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ملاقات ۾ آزاد ??شمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ??شمير جي صدر چوڌري محمد ياسين، پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ??شمير جي صدر شاهه غلام قادر، ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر سردار حسن ابراهيم خان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ قمر زمان ڪائره به موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڪشمير جي سياسي قيادت جي مظفر آباد ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena