اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخان?? جي ڪمپائونڊ تي ج??عي ڏينهن حملو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو وي??. پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفارتخان?? جي ڪمپائونڊ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ هيڊ آف مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هيڊ آف مشن جي حفاظت ڪندي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخان?? جي هيڊ آف مشن تي قاتلاڻي حملي ۽ سفارتخان?? جي ڪمپائونڊ تي حمل?? جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور تي ان حمل?? جي مڪمل جاچ، جوابدارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.
ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي حملو، هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena