اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي حڪمران هندو قومپرست ڀارتيا جنتا پارٽي پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جي ٽي سالن کا??پوءِ رياست جي معيشت کي مسلسل لاڪ ڊائون، ڪرفيو، انٽرنيٽ جي بندش ۽ سخت پابندين جي ڪري سخت دٻاءُ ۽ غيري??ين?? صورتحال درپيش آهي. نريندر مودي جي قيادت ۾ حڪومت آرٽيڪل 370 ۽ اي 35 جي منسوخي کا??پوءِ ڪيترائي غيرقانوني قدم کنيا آهن جن ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشمير جي معيشت کي تباهه ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي مطالبي تان دستبردار ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي. مرڪز جي انتظام هيٺ ٻه جدا جدا علائقن ۾ ورڇ ڪرڻ جي وقت بي جي پي اها دعويٰ ڪئي هئي ته ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي سڌوسنئون نئين دهلي مان ڪنٽرول ڪرڻ جي نتيجي ۾ خطي جي بهتري ٿيندي ۽ ان جي معيشت کي هٿي ملندي جڏهن ته ان غيرقانوني قدم جي ٽن سالن کا??پوءِ ڪشمير جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي. سياسي ۽ اقتصادي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن سالن دوران ڪشمير جي صورتحال انتهائي خراب ٿي آهي ڇو ته 5 آگسٽ 2019ع جي فيصلن جي معيشت کي بدترين منفي اثرن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. انهن قدمن اڪثر صنعتڪارن ۽ واپارين کي متاثرن ڪرڻ کا??سواءِ رياست ۾ بي??وز??اري جي حالت کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي ۽ هزاين ماڻهو بي??وز??ار ٿي ويا آهن. 5 آگسٽ 2019عج ي فيصلي جي فوري پوءِ ڀارت هزارين تازه دم فوجين کي والاريل ڪشمير روانو ڪيو ۽ پوري خطي جو سخت لاڪ ڊائون ڪيو ويو جنهن کا??پوءِ ڪورونا وائرس جي احتياطي تدبيرن جي نالي تي لاڪ ڊائون جو سلسلو شروع ڪيو ويو. لاڪ ڊائون، ڪرفيو يا پوءِ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين جي نالي تي اهي پابنديون اڄ تائين جاري آهن. ڀارتي رياستي دهشتگردي جي انهن سمورن حربن پوري خطي ۾ معاشي سرگرمين کي عملي طور تي روڪي ڇڏيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ والار?? علائقي ۾ مڪ??ل اقتصادي افراتفري پکڙجي رهي آهي. ڪشمير ۾ ميون ۽ سياحت جون صنعتون ڪشمير جي اقتصادي بنيادن ۾ اهم آهن، ڀارتي حڪومت اڳ کا?? منصوبابندي قدمن سان ڪشميرين کي معاشي طور تي ڪچلڻ ۽ انهن کي ناجائز ڀارتي قبضو قبول ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي شعبن کي نشانو بڻايو ويو آهي. گذريل ٽن سالن دوران ڀارتي قابض فوج ڪشميرين کي معاشي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي باغن کي وڍي ڇڏيو، ان کا??سواءِ باغن جي پيداوار جي برآمد دوران اڳ کا?? طئي ٿيل لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ تازا ميوا سڙي ويا جنهن سان ڪشميرين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو. مني ڪنٽرول، آن لائين بزنس اخبار جي رپورٽ موجب هن سال به امرناٿ ياترا کي سهولت فراهم ڪرڻ جي بهاني سرينگر ڄمون هاءِ وي تي پابندي هنئي وئي جنهن سان منڊين تائين ميون کي ڱڻي وڃڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿيون. 5 آگسٽ 2019ع کا??پوءِ لاڪ ڊائون والاريل رياست جي سياحت جي صنعت کي پڻ سخت نقصان پهچايو. سائنس ڊائريڪٽ ۾ شايع ٿيندر تحقيقي مطالعي موجب ان صورتحال جي ڪري سياحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن کي پنهنجو ذريعه معاش تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. خصوصي حيثيت جي خاتمي ۽ لاڪ ڊائون سياحت جي صنعت تي گذريل ٻن ٽن سالن کا?? نمايان منفي اثر وڌا جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي ملازمتن جو نقصان ٿيو. 5 آگسٽ 2019ع کا?? رياست جو باقي دنيا سان ڪٽجي وڃڻ جي ڪري دستڪاري جي صنعت به مشڪل دور مان گذري رهي آهي. دي اسٽيٽس مين جي رپورٽ موجب گذريل سالن ۾ ٿيندڙ مجموعي نقصانن جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ مقامي ڪاروباري ادارن جي ماليات تي غيرمعمولي دٻاءُ پيو آهي. دي اڪنامڪ ٽائيمز موجب انٽرنيٽ جي مسلسل بندش، ٽيلي مواصلات ۾ پابندين ۽ ڪرفيو ملازمن سان گڏوگڏ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي متاثر ڪيو آهي. ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 جي منسوخي ۽ 5 آگسٽ 2019عج ي ٻين قدمن کا??پوءِ معيشت کي تباهه ڪيو ويو ۽ ان کا??سواءِ معلومات تائين پهچ، چرپر ۽ رابطي جو حق مڪ??ل طور تي متاثر ٿي چڪو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري مداخلت ڪري ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڪري جنهن سان سموري خطي خاص طور تي ڪشمير جي معاشي ترقي ٿي سگهي ٿي.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جي ٽي سالن کانپوءِ رياست جي معيشت کي مسلسل لاڪ ڊائون، ڪرفيو، انٽرنيٽ جي بندش ۽ سخت پابندين جي ڪري سخت دٻاءُ ۽ غيريقيني صورتحال درپيش
مضمون کا ماخذ : apostas quina