اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته بي اعتمادي رٿ عمومي نه آهي، حڪومت وٽ موجود ثبوتن مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش جو حصو آهي، پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي پوري قو?? کي ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، وفاقي ڪابينا سڀاڻي سڀني قو??ي اسيمبلي جي ميمبرن جي سامهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ثبوت رکڻ جو فيصلو ڪ??و آهي. اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪ??و آهي. وفاقي ڪابينا ۽ قو?? عمران خان جي پويان بيٺل آهي. هن چيو ته ڪالهوڪي فيصلي تي سپريم ڪورٽ کي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. رولنگ صحيح يا غلط هجڻ لاءِ اهو مواد ڏسڻ ضروري آهي، جنهن جي بنياد تي اسپيڪر فيصلو ڏنو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي سڄي قو?? کي ڳڻتي آهي، هارس ٽريڊنگ جي ذريعي ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن چيو ته عدم اعتماد واري رٿ عمومي ناهي، وفاقي حڪومت جي سامهون جيڪو مواد آهي ان مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش تحت آندي وئي آهي، جنهن جي پويان ڪ??هه وڏا مافياز آهن، هن چيو ته ڪابينا سڀاڻي سڀني قو??ي اسيمبلي جي ميمبرن جي سامهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ثبوت رکڻ جو فيصلو ڪ??و آهي. اهي ثبوت ڏسڻ کانپوءِ به ڪو به بي اعتمادي رٿ طرف وڃڻ چاهي ٿو ته پوءِ فيصلو پاڪستان جي عوام ئي ڪندي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ان عالمي سازش جي جاچ لاءِ لفيٽيننٽ جنرل (ر) طارق خان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي آهي اهو ڪميشن ان سڄي معاملي جي پويان ڪ??دارن ۽ معاملن جي جاچ ڪري حقيقتون عوام جي سامهون آڻيندي. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ چ??و آهي ته خط موجود ئي نه آهي، انهي لاءِ ڪميشن جي ٽي آر اوز ۾ شامل ڪيو و??و آهي جنهن موجب اهو ڏسڻو آهي ته اهو خط موجود آهي يا نه، ڪميشن جاچ ڪندي ته ان خط ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي يا نه، ڪميشن اها به جاچ ڪندي ته عدم اعتماد واري رٿ جا مقامي هينڊلرز ڪير هئا، پوري مخالف ڌر ان سازش ۾ شريڪ نه آهي، ڪجهه مخصوص ماڻهن کي معلوم هيو ته اها سازش ڪٿان کان شروع ٿي
هارس ٽريڊنگ تي قوم کي ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2