اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۽ ملڪ جي پٺتي ??يل علائقن جي ترقي لاءِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ريڪوڊڪ معاهدي سان بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچستا?? ۾ ??ام شهرين جي زندگي جو معيار بدلجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم عمران خان چاغي ۾ تانبي ۽ سون جي ک??ڻي?? جي ترقي بابت ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني (ٽي سي سي) سان ڊگهي عرصي کان جاري ريڪوڊڪ تڪرار کي ڪاميابي سان حل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت، بلوچستان حڪومت ۽ ڪئناڊا جي بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نئين معاهدي تي آچر ڏينهن وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت جي نمائندن ۽ بيرڪ گولڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر مارڪ برسٽو جي قيادت ۾ وفد صحيحون ڪيون. نئين معاهدي جي شرطن مو??ب بيرڪ گولڊ ڪمپني ريڪوڊڪ منصوبو پاڪستاني ادارن سان حصيداري ۾ بحال ۽ تيار ڪندي. منصوبي ۾ بيرڪ گولڊ ڪمپني جو 50 سيڪڙو حصو هوندو. باقي 50 سيڪڙو حصيداري پاڪستان جي ملڪيت هوندي جيڪا وفاقي ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومت جي و?? ۾ ??رابر طور ورڇ ٿيندي. معاهدي تحت وفاقي حڪومت جي 25 سيڪڙو حصيداري کي وفاقي حڪومت جي ٽن سرڪاري ڪاروباري ادارن (ايس او ايز) آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل)، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) ۽ گورنمينٽ هولڊنگز پاڪستان لميٽيڊ (جي ايڇ پي ايل) ۾ برابر ورهايو ويندو. بلوچستان جو حصو هڪ ڪمپني وٽ هوندو جنهن جي مڪمل ملڪيت ۽ ڪنٽرول بلوچستان حڪومت وٽ هوندو. بلوچستان جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن مو??ب منصوبي ۾ بلوچستان حڪومت جي حصي جو سرمايو ۽ آپريٽنگ خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي يعني ٻين لفظ?? ۾ ??لوچستان حڪومت ک??ڻي?? جي ترقي تي ڪو مصارف ادا نه ڪندي ۽ ان حوالي سان خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ بلوچستا?? ۾ ??ٽڪل 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جنه?? ۾ ??ستن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ک??ڻي??ن کوٽڻ جي لاءِ ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي جوڙجڪ جهڙن سماجي ترقي جي منصوبن جي لاءِ 1 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري به شامل آهي. معاهدي جي نتيجي ۾ سيڙپڪاري سان 800 کان وڌيڪ نيون نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ان سان بلوچستان پاڪستا?? ۾ ??ڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري مان وڌيڪ فائدو کڻندڙ صوبو بڻجي ويندو، ريڪوڊڪ منصوبو دنيا ۾ تانبي ۽ سون جي ک??ڻي??ن کوٽڻ جي سڀ کان وڏن منصوبن مان هڪ هوندو. ملڪ جي معدني دولت جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سميلٽر (خام ڌات کي پگهرڻ وارو ڪارخانو) قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي. هي معاهدو گذريل ٽن سالن دوران ڳالهه ٻولهه جي ڪيترن ئي دورن کانپوءِ طئي ٿيو آهي. آگسٽ 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان معدنيات جي ک??ڻي?? جي جلد ترقي جي مقصد تحت ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ان ڪوشش ۾ عالمي صلاحڪارن جي مدد حاصل هئي. حڪومت ان معاملي کي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ آڏو پڻ پيش ڪندي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڇي ته معاهدو سمورن قانونن مو??ب طئي ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۽ ملڪ جي پٺتي ??يل علائقن جي ترقي لاءِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سيڙپڪاري سان بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچستا?? ۾ ??ام شهرين جو معيار زندگي بدلجي ويندو. وزيراعظم بلوچستان جي عوام جي لاءِ شفاف ۽ سازگار معاهدو ڪرڻ تي ڳالهين واري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور پڻ ان موقعي تي مو??ود هو.
ريڪوڊڪ معاهدي سان بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچستان ۾ عام شهرين جي زندگي جو معيار بدلجي ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II