اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو ??فيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ان تراني جي ڌُن ۽ ٿهيم پراڻي آهي، جميل الدين حالي جو لکيل اهو ترانو قرآن ڪريم سان ماخوذ آهي ۽ ان ۾ خوبصورت زب??ن ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي آفيشل گاني جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزي?? چيو ته تراني جو ٿهيم ”الله جي رسيءَ کي مضبوطي سان پڪڙي رکو ۽ فرقي ۾ نه پئو“ آهي. هن چيو ته تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته هي ترانو او آءِ سي جو ??فيشل ترانو آهي، 1974ع ۾ هڪ قرارداد جي ذريعي ”هم مصطفوي“ کي او آءِ سي جو ??فيشل اينٿم ڊڪليئر ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزي?? چيو ته ترانو اردو زبان ۾ آهي پر ان ۾ عربي، فارسي جو ٿهيم به موجود آهي، 1974ع ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو اهو ترانو پيش ڪيو ويو. هن چيو ته تراني جو ميوزڪ ويسٽرن ڪلاسڪ ۽ اهو ترانو ي??ني??رسل زبان ۾ آهي جنهن ۾ خوبصورت زب??ن ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ڪوشش ڪئي آهي ته تراني جي اصل شڪل کي برقرار رکيو وڃي.
ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria