اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام کڻي آئي آهي، نئون پاڪستان صحت ڪارڊ دنيا جو منفرد هيلٿ انشورنس پروگرام آهي جنهن جي ??ور?? دنيا ۾ مثال نٿو ملي، عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين تر??يح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم ع??ران خان جي سربراهي ۾ پن??اب ۾ جاري عوامي ڀلائي، سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۽ بنيادي صحت جي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس کي هيلٿ ڪارڊ ۽ احساس راشن رعايت پروگرام تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جنوري کان مارچ تائين پن??اب جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ اجلاس کي احساس راشن رعايت پروگرام تحت گهٽ آمدني وارن خاندانن کي فراهم ڪيل سبسڊي تي اڳڀرائي ۽ ان سان غربت جي خاتمي جي متوقع مثبت نتيجن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي پن??اب جي وڏن شهرن ۾ جاري احساس ڪو به بکيو نه سمهي، لنگر خانن ۽ پناهگاهن تي به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبا ڏهاڙيدار ۽ مزدورن لاءِ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ رليف جو سبب بڻجي رهيا آهن، اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ اس??ور??س ڊرائيو تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ پن??اب ۾ بلدياتي اليڪشن جي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم منصوبن تي تسلي جو اظهار ڪندي جاري عوامي ڀلائي جي منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني، پن??اب جو وڏو وزير سردار عثمان بزدار ۽ پن??اب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد شرڪت ڪئي.
حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام کڻي آئي آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی