اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن (BMGF)جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي ٽيليفون ڪئي ۽ پوليو جي خ??تمي جي ڪوششن ۽ پاڪست??ن ۾ غذايت ۽ مالي خ??متن کي بهتر بڻائڻ لاءِ فائونڊيشن جي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم بل گيٽس کي پوليو جي خ??تمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ بي ايم جي ايف پاران ??راهم ڪيل مدد کي ساراهيو. هن ??يو ته ملڪ ۾ هن سال وائلڊ پوليو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ وائلڊ پوليو وائرس جا مثبت ماحولياتي نمونا ڪافي حد تائين گهٽ ٿيا آهن، وزيراعظم ??يو ته مثبت اڳڀرائي جي باوجود مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به ڪم جاري آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي پوليو جي خ??تمي لاءِ پرعزم آهي. بل گيٽس وزيراعظم جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ فائونڊيشن پاران ??اڪست??ن ۾ پوليو پروگرام کي جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته پاڪست??ن ۾ ڪنهن به ٻار کي پوليو وائرس جو خطرو نه ٿئي.
بل گيٽس وزيراعظم جي قيادت ۾ آگسٽ ۾ پوليو جي وڌيڪ خطرن وارن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان گهرايل اجلاس جي ڏس ۾ مثبت ڪوششن ۽ ان جي اثرن کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ بل گيٽس افغانست??ن ۾ صحت جي نظام جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو پاڪستان سان ??وليو جو شڪار دنيا جو ٻيو ملڪ آهي، هن ا?? بيماري جي خ??تمي لاءِ افغانست??ن ۾ پوليو جي مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ پوليو جي خ??تمي لاءِ پاڪستان جي تازي ڪاميابي جي حفاظت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم ??يو ته افغانستان جي اڌ کان ??ڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان ??يٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان کي مالي مدد جي ضرورت آهي. هن بل گيٽس کي درخواست ڪئي ته هو افغان عوام کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ تي غور ڪري، بل گيٽس وزيراعظم کي پاڪست??ن ۾ ڪووڊ – 19 ويڪسين جي تياري ۾ مبارڪباد ڏني ۽ فائونڊيشن پاران احساس پروگرام سميت حڪومت جي انتظام هيٺ پروگرامن جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪيو جيڪو غربت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارانداز جي ڪري قومي بچت پروگرام جي ڊجيٽلائيزشن لاءِ شاندار اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. بل گيٽ پاڪستانين جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ گيٽ فائونڊيشن جي ذريعي مسلسل تعاون جي آڇ ڪئي، وزيراعظم بل گيٽ جو پاڪستان سان ??ائونڊيشن جي قابل قدر سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو.