اسلام آباد – 30 –; سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين لاءِ خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران ان حوال?? سان ج??ري ڪيل هدايتن ۾ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي حڪومتن کي خصوصي حڪم جاري ڪيا ويا آهن جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ قدمن جون هدايتون ڪيون ويون آهن.
وزيراعظم عمران خان پاران ج??ري هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسر هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوال?? سان وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي حڪومتن کي خط جاري ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻي هاري پنهنجا مسئلا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آفيس چيو آهي ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ هاڻي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري آفيسن ج?? چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽر??ز هارين جي مسئلن جي حل تي آفيسرن جي ٽه ماهي ڪا??ڪردگي رپورٽ جوڙين، خط ۾ سمورنص وبن ۾ هارين جي مسئلن جي لاءِ 123 سرڪاري آفيسرن کي ذميداريون سونپيون ويون آهن ۽ ان حوال?? سان خيبرپختونخوا جي 43 جڏهن ته پنجاب جي 57 آفيسرن کي ذميداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري هاڻي پي ايم پورٽل تي ڪا??ڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مسئلن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوال?? سان آبادگارن ۽ هارين جي آگاهي لاءِ ضلعي سطح تي خصوصي مهم به هلائي وڃي.