اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري جي ??ياست لوڏا کائي رهي آهي، پي ڊي ايم کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سياست جي ??اتمي جو وقت نظر اچي رهيو آهي، ڪالعدم پارٽي جو رويو ۽ ڪم اسلامي تعليم، آئين ۽ قانون جي ??بتڙ هو، انهي لاءِ حڪومت ان پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو، حڪومت وانگر ان ڏس ۾ عدليه ۽ اليڪشن ڪم??شن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، يورپي يونين جي قرارداد پاڪستان جي ??اخلي معاملن تي اثرانداز نه ٿيندي، وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ناموس رسالت ﷺ تي ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، اليڪشن ڪم??شن ٻڌائي ته ڪهڙي طرح يو اي اي ۾ ويٺل شخص جي نالي تي پارٽي رجسٽرڊ ٿي وئي، ڀارت ۾ اليڪشن مهم جي ڪري ڪورونا وا??رس جو ڦهلاءُ وڌيو، اسان جي ??ليڪشن ڪم??شن کي به ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جڏهن ته ضمني اليڪشن ۾ ڪورونا بچاءُ ايس او پيز تي عمل نظر نه اچي رهيو آهي. هو وزيراعظم آفيس ۾ وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هڪ سوال جي ????اب ۾ ٻڌايو ته 16 آڪٽوبر 2020ع تي چونڊ سڌارن جو بل ايوان ۾ متعارف ڪرايو ويو، ان بل جي 49 مان 40 نقطن تي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق راءِ هو پر ان کانپوءِ مخالف ڌر پاران ان معاملي کي پٺتي وڌو ويو ۽ چيو ويو ته چونڊ سڌارن بابت وزيراعظم پاڻ نه ٿو چوي، ان تي وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر کي خط لکيو جنهن تي اسپيڪر سمورين سياسي پارٽين کي خط لکيو رڳو پيپلزپارٽي نويد قمر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو، (ن) ليگ سميت ٻين پارٽين ج??اب نه ڏنو، هاڻي سان سول سوسائٽي، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيسنز، پريس ڪلبنز سميت هر فورم ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ انهن کي مخالف ڌر جي ??ن اهم معاملي تي غيرسنجيده رويي بابت ٻڌائينداسين.
نواز شريف ۽ زرداري جي سياست لوڏا کائي رهي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری