اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ آهي، سڌارن سان ٽيڪس جي نظام ۾ م??جود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبا?? آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪس سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير ??ما?? اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سين??ر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ نظام ۾ م??جود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.
ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج