اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيرا??ظم عمران خان جي دوري سان ايران ۽ سعودي عرب کان اسان جي اميدن ک??ن وڌيڪ مثبت جواب مليو آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت سان ملاقاتون انتهائي لاڀائتيون رهيون، علائقي تي جنگ جا بادل ختم ٿي رهيا آهن، ايران ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، سعودي عرب جي قيادت به ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي ڪوششن تي اتفاق ڪيو، وزيرا??ظم ڪشمير مسئلي تي ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب ۽ ايران جا ٿورا مڃيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات