راولپنڊي ??? 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مم??ڪتي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته محمد نواز شريف جي اقامي تي جيڪو پئمانو رکيو ويو هو اهو نيازي سروسز لميٽيڊ جي لاءِ ڇو نه رکيو ويو، جڏهن قانون جا ٻه پئمانا هجن ته آواز ته ايندا، عمران خان جي فيصلي پاناما ڪيس ۾ اختيار ڪيل پئماني جي نفي ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مم??ڪتي وزير مريم اورنگزيب راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪلرز آف ڪوريا جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ تصويري نمائش جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب ??يو ته جيڪو بيان آيو اهو پاڪستان جي عوام ۽ سول سوسائٽي جي آواز سبب آيو، 28 جولاءِ جي فيصلي جا اثر پوري قوم ڏسي رهي آهي، جيڪڏهن چونڊيل حڪومت کي سسيلين مافيا ??يو ويندو ته عوامي ردعمل فطري آهي. هن ??يو ته تاريخ جي ڏس ۾ ڏسو جڏهن ادارن تي پريشر پيو ته نظريه ضرورت به سامهون آيو، پنهنجي دفاع ۾ ڳالهه ڪرڻ ادارن سان ٽڪراءُ ناهي هوندو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي نواز شريف جي نالي تي ووٽ ملي ٿو.
نواز شريف لاءِ جيڪو پئمانو رکيو ويو اهو نيازي سروسز لاءِ ڇو نه رکيو ويو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ