برن-06 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ارب پتين جي دولت ۾ 10 سالن ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جڏهن ته ٽيڪنالاجي جي صنعت سان لاڳاپيل ارب پتين جي دولت 2015ع ۾ 788.9 بلين ڊالرن کان ٽيڻ تي وڌي 2024ع ۾ 2.4 ٽريلين ڊالر ٿي ??ئي، 2024ع ۾ ??ٽڪ?? 268 ماڻهو پهريون ڀيرو ارب پتي بڻيا. سوئٽزر لينڊ جي سڀ کان وڏي بئنڪ يو بي ايس جي يو بي ايس ساليانو بلين ائرز ايمبيشنز رپورٽ جي 10 هين ايڊيشن ۾ چوڻ آهي ته ارب پتين جي دولت ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ارب پتي وڌيڪ تيزي سان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، 2020ع کان هن وقت تائين 176 ارب پتي پنهنجن ملڪن کان ٻئي ملڪ منتقل ٿي چڪا آهن، سوئٽزرلينڊ، گڏيل عرب امارتن،سنگاپور ۽ آمريڪا انهن جا مشهور ۽ پسنديد هنڌ آهن. سوئيس يو بي ايس چيو آهي ته ارب پتين گذريل ڏهاڪي دوران پنهنجي گڏيل دولت 121 سيڪڙ?? جي واڌ بعد 14 ٽريلين تائين پهچائي آهي. ٽيڪنالاجي (ٽيڪ) ارب پتين جا خزانا تيزي سان ڀري رهي آهي، گذريل 10 سالن ۾ آمريڪي ڊالر ۾ سيڙپ رکندڙ ارب پتي ماڻهن جو انگ 1757 مان وڌي 2682 ٿي ??يو. جيڪو 2021ع ۾ 2686 سان عروج تي هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع بعد کان چين جي ارب پتي ماڻهن ۾ گهٽتائي جي ڪري عالمي ترقي جو رجحان سست ٿي ??يو آهي. چين ۽ هانگ ڪانگ جي ارب پتي شهرين جي دولت 16.8 سيڪڙ?? جي گهٽتائي سان 1.8 کرب دالر تي اچي وئي آهي. ڀارتي ارب پتي شهرين جي دولت 42.1 سيڪڙ?? جي واڌ سان 905.6 بلين دالر ٿي ??ئي آهي جڏهن ته انهن جو انگ ا153 مان وڌي 185 ٿي ??يو آهي. اولهه يورپ جي ڪل ارب پتين جي دولت 16.0 سيڪڙ?? جي واڌ سان 2.7 ٽرلين ڊالر ٿي ??ئي آهي جن ۾ سوئٽزرلينڊ جي ارب پتي شهرين ۾ 24 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. گڏيل عرب امارات جي ارب پتي شهرين جي مجموعي دولت 39.5 سيڪڙ?? جي واڌ سان 138.7 بلين ڊالر ٿي ??ئي آهي.
سڄي دنيا ۾ ارب پتين جي دولت ۾ 10 سالن ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ: سوئيس بئنڪ جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ