تاشقند _ 16 اپريل (اي پي پي ) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ جي سي سي ۽ وچ اوڀر ايشيائي ملڪ جي ٻين وزارتي اجلاس ۾ علائقائي استحڪام لاءِ جي سي سي ، مرڪزي ايشيا جي سهڪار تي زور ڏنو آهي . ايس پي اي مطابق شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي خطاب ۾ جي سي سي ۽ مرڪزي ايشيائي ملڪن جي لاڳاپن کي ساراهيندي خطي ۾ استحڪام ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ا?? جي اهميت تي زور ڏنو . سعودي پرڏيهي وزير فلسطيني عوام جي حقن جي ضمانت ۽ علائقي ۾ امن جي قيام لاءِ گڏيل ??وششن جي ضرورت تي زور ڏنو . اجلاس ۾ اسرائيل ??ان مطالبو ڪيو ويو ته هو غزه جي پٽي جي متاثرن جي بحالي لاءِ ا??ساني عالمي قانوني جو احترام ڪندي فوري بنيادن تي امدادي سامان جي فراهمي کي ??قي??ي بڻائي . اجلاس ۾ فلسطيني تڪرار جي سياسي حل تي اهميت ۽ 1967 ع ??ان اڳ جي سرحدي تقسيم جي بحالي سان گڏ آزاد ۽ خود مختيار سلامتي رياست جي قيام جي اهميت تي به زور ڏنو ويو .
سعودي پرڏيهي وزير جو علائقائي استحڪام لاءِ جي سي سي ۽ وچ اوڀر ايشيا جي سهڪار تي زور
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام