اوٽاوا – 21 آگسٽ (اي پي پي) ڪينيڊا جي صو??ي برٽش ڪولمبيا جي ٻيلن ۾ تيزي سان پکڙجندڙ باهه تي ڪنٽرول لاءِ ف??ج کي طلب ڪيو ويو آهي، حڪومت 35 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. فرانسيسي خابرو ادار?? موجب برٽش ڪولمبيا ۾ هنگامي ح??لت جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ غير ضروري سفر تي پابندي مڙهي وئي آهي. ويسٽ ڪيلوينا جي فائر چيف جيسن بولنڊ چيو آهي ته کيس گذريل چار ڏينهن ۾ باهه تي ضابطو آڻڻ کان پوءِ ا??يد نظر آئي آهي. هن چيو ته صو??تحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ فائر فائيٽرز باهه تي ضابطي آڻڻ لاءِ پاڻي جو استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن هڪ لک 50 هزار آبادي واري شهر کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے