اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪرغزستان، فلسطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا م??اق??تون پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني. صدر کي جمهوريه ڪرغزستان جي نامزد سفير اوازبيڪ اتاخانوف، فلسطين جي نامزد سفير ڊاڪٽر ز??هي?? محمد حمدالله زيد، جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر علي شير تختائي، ڪينيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ ترڪيه جي نامزد سفير عرفان نزير اوگلو سفارتي سندون پيش ڪيون. نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا م??اق??تون پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر اميد ظاهر ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گا??ڊ آف آنر پيش ڪيو.
صدر کي ڪرغزستان، فلسطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن پاران سفارتي سندون پيش
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز