اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمت?? ۾ ??هٽتائي باوجود ٽرانسپورٽ سروسز جي قيمت?? ۾ ??ا گهٽتائي ناهي آئي، آمدني واپار وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا، انگن اکرن واري کاتي طرفان مختلف کاڌي پيتي جي شين ?? اوپن مارڪيٽ جي قيمتن ۾ نمايان فرق جي نشاندهي ۽ 70 شهرن جي 50 مارڪيٽن سان قيمتن جي رپورٽ جو جائزو پيش ڪيو ويو. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيڪس (پي بي ايس) جي نمائندن ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پي بي ايس مختلف کاڌي پيتي جي شين ?? اوپن مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي کي به اجاگر ڪيو. پلانگ ڪميشن بابت وزير مهانگائيءَ جي شرح کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف سرڪاري ادارن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، جيڪو هلندڙ مالي سال دوران مسلسل گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ سيپٽمبر 2024ع ۾ 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح 6.9 سيڪڙو رهي جيڪا سيپٽمبر 2023ع ۾ 31.4 سيڪڙو هئي. غذائي مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي آهي جنهن سان شهري کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي ۾ 33.9 سيڪڙو کان 1.7 سيڪڙو تائين گهٽتائي واقع ٿي آهي جڏهن ته ٻهراڙي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ناڻي واڌ ڪاٽو 0.9 سيڪڙو ٿي وئي جيڪا گذريل سال ان مهيني ۾ 34.4 سيڪڙو هئي. اٽو ۽ پيٽرول ??ي قيمت?? ۾ ??ذريل سال جي ان ئي مهيني جي ڀيٽ ۾ 37.1 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي. پي بي ايس هر صوبي ۽ قومي سطح تي ڪجه ضروري شين جي هول ??يل ۽ ريٽيل قيمتن ۾ وڏي فرق کي اجاگر ڪيو. اهو به ڏٺو ويو آهي ته پي او ايل جي قيمت?? ۾ ??هٽتائيءَ کي نقل ۽ چُرپر جي خدمتن ۾ اثرائتي طريقي سان نه ڏٺو ويو آهي. رٿابندي واري وزير هدايت ڪئي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمت?? ۾ ??هٽتائي باوجود ٽرانسپورٽ سروس جي اگه?? ۾ ??ا گهٽتائي ناهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ان سلسلي ۾ هن صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته هو ٽرانسپورٽ، هول ??يل ۽ ريٽيل قيمت?? ۾ ??هٽتائيءَ لاءِ فوري قدم کڻن. احسن اقبال چيو ته حڪومت عام ماڻهوءَ کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ان سلسي ۾ ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. احسن اقبال ۽ مصدق ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت شهرين کي وڌ کان وڌ رليف ف??اه?? ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن صوبائي حڪومت ۽ آءِ سي ٽي انتظاميه تي زور ڀريو ته اهي قيمتن تي ضابطو آڻڻ جي طريقيڪار تي سختيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين، خاص طور تي هول ??يل ۽ ريٽيل قيمت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ جي ڪِراي?? ۾ ??هٽتائيءَ جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ ملي.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی