اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ا??يم??لي سيڪريٽريٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽري کي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 ا??يم??لي ميمبرن لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن قومي ا??يم??لي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي قانون بابت صلاحڪار محمد مشتاق طرفان گهرو سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ قومي ا??يم??لي جي قاعدن، ضابطن ۽ طريقيڪار 2007ع جي قاعدي 108 جي ذيلي قاعدي 3 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر جي طرفان 11 سيپٽمبر 2024ع تي قومي ا??يم??لي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ 10 قومي ا??يم??لي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، اسپيڪر جي خواهش آهي ته شير افضل خان، ملڪ عامر ڊوگر، محمد احمد چٺا، مخدوم زين حسين قريشي، وقاص اڪرم، زبير خان وزير، اويس حيدر، سيد شاهه احد علي شاهه، نسيم علي شاهه ۽ يوسف خان لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.
پوليس جي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبرن لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي: قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو گهرو سيڪريٽري ڏانهن خط
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا