منسڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلا??وس ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري ٻن??ي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلا??وس جي هم منصب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻن??ي اسپيڪرن گڏيل طور تي پارليامينٽ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان بيلا??وس سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بيلا??وس وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻن??ي ملڪن ۾ وڌيڪ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسپيڪر پاڪستان جي پارلياماني وفد جي والهاڻي ??ستقبال ۽ مهمانوازي تي بيلا??وس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. بيلا??وس جي اسپيڪر، سردار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد جو بيلا??وس جو دورو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي پارلياماني وفد جو تازو دورو ٻن??ي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته بيلا??وس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻن??ي اسپيڪرن ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. بيلا??وس جي اسپيڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان بيلا??وس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بيلاروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ