ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پڻ ان موقعي تي موجود ه??ا. ??نهي اڳواڻن ملاقات دوران بلوچستان ۾ جاري ت??قياتي منصوبن، امن امان ۽ سماجي ت??قي جي قدمن باب?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم امن امان جي بحالي جي لاءِ صوب??ئي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن صوبي جي وفاقي ت??قياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ترقي جي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ سنجيده آ??يو??، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت کي بلوچستان جي ت??قي سان لڳاءُ ۽ عوام سان محبت آهي، صوبي جي ت??قي جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. ملاقات ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي نيڪ خواهشن ۽ صوبي جي ت??قي جي پختي عزم تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيندي چيو ته بلوچستان حڪومت عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻ??ئي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته وقت کان وڌيڪ صحيح رخ جو تعين ضروري آهي، الحمدالله گورننس سان واڳيل معاملن کي ت??تيبوار بهتري طرف وٺي وڃي رهيا آ??يو??، صوب??ئي ڊيولپمينٽ پروگرام کي عوامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري رهيا آ??يو?? ۽ صوبي جي ت??ريخ ۾ پهريون ڀيرو 75 سيڪڙو منظور ٿيل ترقياتي منصوبا بجيٽ جو حصو بڻايا ويا آهن باقي 25 سيڪڙو منصوبن تي به تيزي سان اڳڀر??ئي جاري آهي. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گڊ گورننس جي قيام ۽ سروس ڊيليوري جي نظام جي بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آ??يو?? ۽ هر سطح تي موثر جوابدهي ۽ احتساب جي عمل کي فروغ ڏئي رهيا آ??يو??. هن چيو ته صوبي ۾ جاري وفاقي ت??قياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل فنڊز جي وقت سر جاري ٿيڻ سان مشروط آهي ان لاءِ اسان وفاقي حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اها وفاقي ت??قياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔