شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سا?? مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سي??حت?? جاين ۾ تبديل ڪنداسين، چيني حڪومت جي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سا?? دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي ??ڃرايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري جي موقعي تي شي – آن ۾ پاڪستاني وفد سا?? گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دور?? ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي ??نهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ميوزيم جي مختلف حصن جو دور?? ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني حڪومت جي ان تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سا?? دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي ??ڃرايو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ان ميوزيم جي دوري جي دعوت تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سا?? مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اهڙي تاريخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سي??حت?? جاين ۾ تبديل ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.
پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن