اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو وزارت جي ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آباد ۽ پولنگ اسٽيشن جو ??ورو ڪيو. گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد گهرو وزير سان گڏ هئا. ڪنٽرول روم تي آمد تي ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان گهرو وزير کي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گهرو وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو ??مل سٺي طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪو وڏو ناخوشگوار واقعو پ??ش ناهي آيو، ٽانڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس تي حملي ۾ هڪ جوان ج?? شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پولنگ جي عمل جي ڪڙي نگراني جاري آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو ??مل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيندو. بعد ۾ گهرو وزير ڪامن ويلٿ جي آبزرور مشن ج?? سربراهه جوناٿن سان گڏ سيف سٽي اسلام آباد جو ??ورو پڻ ڪيو جتي آءِ جي اسلام آباد شهر ۾ امن امان ۽ پولنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي اسلام آباد ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ چونڊن جو ??مل پرامن طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪا شڪ??يت ناهي ملي.
نگران وفاقي گهرو وزير طرفان ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آباد پولنگ اسٽيشن جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ