اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??فا??ي محتسب پاران ايڇ اي سي کي ڊگ??ي جي تصديق جي حڪمن کي برقرار رکندي شاگردياڻي جي ڊگ??ي جي تصديق کان انڪار تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. صدر هدايت ڪئي ته 7 ڏينهن جي اندر شاگردياڻي جو وقت ضايع ڪرڻ جي ذميوارن جي خلاف انڪوائري شروع ڪئي وڃي. سويرا آفريدي (شڪايت ڪندڙ) پنهنجي بي اي ۽ ڊي ايم سي جي ڊگ??ي جي تصديق جي لاءِ ايڇ اي سي کي درخواست ڏني هئي پر کيس ٻڌايو ويو ته جيئن ته سندس ڊگ??ي جو سيشن 2020ع هو، ان لاءِ ان جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته ايڇ اي سي ٻه سالا روايتي طريقيڪار کي مرحليوار ختم ڪر?? ڇڏيو هو. تعليمي سال 2019ع کانپوءِ شاگردن کي روايتي بي اي ۽ بي ايس جي داخلا ڏيڻ جي اجازت نه هئي. جنهن تي شڪايت ڪندڙ ??فا??ي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ ايڇ اي سي ??فا??ي محتسب ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. بعد ۾ ايڇ اي سي صدر وٽ محتسب جي حڪمن جي خلاف درخواست ڏني. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ ايڇ اي سي جي نمائندگي کي رد ڪر?? ڇڏيو. هن مشاهدو ڪيو ته شڪايت ڪندڙ کي پشاور يونيورسٽي سيشن 2019 – 2020ع جي لاءِ داخلا ڏني هئي ۽ شڪايت ڪندڙ 01.09.2022 تي يونيورسٽي جو هڪ خط پيش ڪيو هو جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته شڪايت ڪندڙ جو بي اي جي ڊگ??ي جي لاءِ سيشن 2019 – 2020ع هو. جيئن ته شڪايت ڪندڙ کي يونيورسٽي پاران سيشن 2019 – 2020ع جي لاءِ داخلا ڏني وئي هئي، ان جي لاءِ شڪايت ڪندڙ جو ڪو قصور نه هو ۽ ان کي يونيورسٽي جي غلطي جو نقصان نه کڻڻ گهرجي. يونيورسٽي ان شاگردياڻي کي رجسٽريشن جي اجازت ڏئي ايڇ اي سي جي پاليسي جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن چيو ته ??فا??ي محتسب صحيح مشاهدو ڪيو آهي ته هڪ ريگيوليٽر جي طور تي اها ايڇ اي سي جي ذميواري آهي ته اها اهو ڏسي ته ڇا ان جي فيصلن تي يونيورسٽيون عملدرآمد ڪري رهيون آهن يا نه جيڪو ايڇ اي سي پاران پنهنجي قانوني ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ناڪامي جي برابر آهي. صدر چيو ته ايڇ اي سي يا يونيورسٽي جي عدم فعاليت سان شاگردن کي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ايڇ اي سي يونيورسٽي جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران شڪايت ڪندڙ کي بنا ڪنهن غلطي جي غيرضروري آزمائش ۾ وجه?? ڇڏيو ۽ اها ان جي ڊگ??ي جي تصدق نه ڪري رهي هئي. تنهن ڪري صدر ايڇ اي سي جي نمائندگي کي ان مشآهدي سان گڏ رد ڪر?? ڇڏيو ته ايڇ اي سي کي انهن يونيورسٽين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جي رهنما اصولن يا هدايتن تي عمل نه ڪري رهيون آهن ته جيئن مستقبل ۾ شاگردن کي ان جي عدم فعاليت جي ڪري نقصان نه کڻڻو پوي. صدر اها هدايت ايڇ اي سي پاران 7 ڏينهن جي اندر شاگرد جي بي اي جي ڊگ??ي جي ٽيسٽ ڪرڻ جي هدايت جي ??فا??ي محتسب جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪر?? ڇڏيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران وفاقي محتسب پاران ايڇ اي سي کي ڊگري جي تصديق جو حڪم برقرار
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria