نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان پرڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪيوبا جي هم منصب برونوروڊ ريگوز پاريلا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڌرين ملاقات دوران ٻطرفي?? گهڻ رخي ۽ علائقائي معاملن جي وسيع موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگ??ان پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل خيال رکندڙ بهترين لاڳاپا آهن. هن گهڻ رخي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن، غيروابسته ملڪن جي تحريڪ ۽ جي 77 ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي ساراهيو. نگ??ان پرڏي??ي وزير 2005ع ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ڪيوبا پاران ڏني ويندڙ طبي امداد تي پاڪستاني عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. نگ??ان پرڏي??ي وزير جيلاني 2023ع ۾ جي 77 ۽ چين جي سربراهي دوران ڪيوبا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ڪيوبا جي نگ??ان پرڏي??ي وزير کي 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي هوانا ۾ منعقد جي 77 ۽ چين جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار، بائيو ٽيڪنالاجي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي ڪيوبا جي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania